سنڌي ادب تي هڪ نظر

سنڌي ادب تي هڪ نظر

سنڌي ادب تي هڪ نظر

سنڌي ادب تي هڪ نظر (ڪتاب): هي مختيار احمد ملاح جو ڪتاب، پي. سي. ايس، سي. ايس. ايس، ايم. اي سنڌيءَ جي امتحانن ۽ انٽرويو لاءِ تيار ڪيل آهي. هن ڪتاب کي هيٺين بابن ۾ ورهائي پيش ڪيو ويو آهي: (1) سنڌي زبان جي تاريخ: هن باب ۾ سنڌي زبان جي شروعات ۽ صورتخطيءَ کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ بابت مختلف عالمن جا نظريا ۽ سنڌي زبان جي تاريخ تي شايع ٿيل ڪتابن جو تفصيل ڏنو ويو آهي، (2) عرب دور، (3) سومرن جو دور، (4) سمن جو دور، (5) ارغونن جو دور، (6) ترخان دور، (7) مغل گورنرن جون دور، (8) ڪلهوڙن جو دور،
(9) ٽالپرن جو دور، (10) انگريزن جو دور. هنن بابن ۾ مٿين دورن بابت معروضي سوال ڏئي، ان دور جي گورنرن ۽ حڪمرانن جو تفصيل ڏنو ويو آهي، گڏوگڏ پير صدرالدين، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان وٺي سچل سرمست، سامي ۽ بيدل تائين ڪيترن ئي شاعرن جو مختصر احوال ڏنو ويو آهي، ان کانپوءِ جي بابن ۾ سنڌي نثري ادب انگريز دور ۾، انگريز دور جا ڪي مشهور شاعر ۽ نثرنويس، آزاديءَ کانپوءِ وارو دور، سنڌي ادب جي عام ڄاڻ، آزاديءَ کانپوءِ جا شاعر ۽ نثر نويس، آزاديءَ کانپوءِ هندستان جا اديب، ڪجهه ڪتابن جو مختصر مطالعو، ادبي اصطلاحن جي لغت ۽ آخر ۾ حل شده پيپر، مددي ڪتابَ ۽ مقالن جي لسٽ ڏني وئي آهي.
ڊيمي سائيز جي 608 صفحن تي مشتمل ڪتاب جو هي ٽيون ڇاپو، 2012ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن جي قيمت 500 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو